حمل فقير 3

حمل فقير 3

حمل فقير 3

حمل فقير 3 (ڪتاب): سنڌي عوامي ۽ صوفي شاعر حمل فقير لغاريءَ جي عرس جي موقعي تي، 1988ع ۾ پڌرو ڪيل، مقالن ۽ تاثرات تي مشتمل هي ڪتاب، حمل فقير ڪلچرل ڪميٽي نوابشاهه ترتيب ڏياري ڇپرايو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب، حبيب الله صديقي، فيض محمد ميمڻ، محمد سليم ميمڻ ۽ مير محمد پيرزادي ڏني آهي. هي ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد، سيد امداد محمد شاهه ۽ حفيظ قريشي ائڊووڪيٽ جي تقريرن ۽ قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ضيا خياروي، حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ محمد پناهه ڦرڙي جا حمل فقير جي شاعريءَ،
فڪر ۽ شخصيت بابت مومن، رحيم بخش قمر ۽ راشد مورائيءَ جو منظوم

خراج تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويهه روپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو